پرويز هودڀائي

پرويز هودڀائي

پرويز هودڀائي

پرويز هودڀائي: پاڪستان جو مشهور نيوڪليئر سائنسدان ۽ طبيعات جو ماهر پروفيسر ڊاڪٽر پرويز امير علي هودڀائي، ڪراچيءَ جي سنڌي اسماعيلي ڪٽنب جو فرد آهي. هن جو جنم 11 جولاءِ 1950ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن او ۽ اي ليوَل جا امتحان ڪراچيءَ مان ڏنا. اڳتي هلي يونيورسٽيءَ ۾ سندس استادن ۾ پاڪستان جو نوبل انعام يافته سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام سندس استاد بڻيو، جنهنڪري سندس دلچسپي ميٿميٽڪس، فزڪس ۽ اليڪٽرانڪس ۾ پيدا ٿي. اعليٰ تعليم لاءِ امريڪا جي ميساچوسسٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ مان ڊگري حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ 1978ع ۾ اتان ئي نيوڪليئر فزڪس ۾ ڊاڪٽوريٽ (D. Phil) ڪيائين. تنهن کانپوءِ هو يونيورسٽي آف واشنگٽن ۾ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ ريسرچ فيلو رهيو، جتي پوءِ 1973ع کان فزڪس جو پروفيسر پڻ ٿيو. هن جي تحقيق جا موضوع هئا: Quantum Field Theory ۽Particle Phenomenology جيڪي Particle Physics جا موضوع آهن. ان کانپوءِ هو پاڪستان آيو ۽ لاهور جي لاهور يونيورسٽي آف مينيجمينٽ سائنس ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. هن وقت به هو يورپ ۽ آمريڪا جي ڪن يونيورسٽين ۾ وزٽنگ پروفيسر طور ليڪچر ڏيڻ ويندو آهي. 1999ع ۾ ڊاڪٽر هودڀائي ٻن ٻين سائنسدانن سان گڏجي ’نيشنل سينٽر آف فزڪس‘ جو بنياد وڌو ۽ ان سان لاڳاپيل رهيو آهي.
تحقيق جي مٿين موضوعن تي ڪم ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽر پرويز هودڀائي، تعليم، اسلام ۽ سائنس جي موضوعن تي گهڻو لکيو آهي ۽ دنيا ۽ ڏکڻ ايشيا کي نيوڪليئر هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ بابت لکيو آهي. انگريزيءَ ۾ سندس ڪتاب ’اسلام اينڊ سائنس‘ مذهبيت ۽ عقليت تي بحث ڪيل آهي، جيڪو دنيا جي پنجن ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. 14 آگسٽ 2001ع تي جنرل پرويز مشرف جي حڪومت طرفان کيس ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو هن قبول نه ڪيو. هن تعليم ۽ سائنسي ترقيءَ جي موضوعن تي ڪجهه ڊاڪيومينٽري فلمون به ٺاهيون، جيڪي پاڪستان ٽيليويزن نشر ڪيون.
ڊاڪٽر پرويز هودڀائي، اڪثر ادارن تي تنقيدون ڪندو رهيو آهي، جن ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن شامل آهي. کيس ڪيترا بين الاقوامي ۽ قومي اوارڊ مليل آهن، جن مان ڪي هي آهن: (1) يونيسڪو ڪارلنگا پرائيز (سائنس جي خدمت لاءِ)، (2) عبدالسلام اوارڊ فار ميٿميٽڪس، (3) فيض احمد فيض اوارڊ (تعليم جي خدمت عيوض)، (4) فلبرائيٽ اوارڊ ۽ ٻيا.
ڊاڪٽر پرويز هودڀائي ڪيترن ئي سائنسي ادارن ۽ يونيورسٽين جي سائنسي شعبن جو ميمبر پڻ آهي.
هن جا 4 ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ ويهارو کن تحقيقي مقالا بين الاقوامي معيار جي جرنلن ۾ ڇپيل آهن.
ڊاڪٽر پرويز هودڀائيءَ جو خاندان اعليٰ تعليم يافته ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ آهي. سندس هڪ ڀيڻ نرگس هودڀائي سنڌي ليکڪا آهي ۽ ’سوجهري‘ رسالي جي ابتدائي ٽيم ۾ شامل هئي ۽ وقت بوقت سندس ليک شايع ٿيندا رهن ٿا. هن وقت ’نرگس لطيف‘ جي نالي سان ’گل بهائو‘ تنظيم ذريعي ڪاروبار ۽ سماجي خدمت ڪري رهي آهي، جڏهن ته سندس ٻي ڀيڻ نفيسه هودڀائي سنڌ يونيورسٽيءَ جي فلاسافي شعبي جي اڳوڻي استاد جاويد ڀُٽي جي گهر واري آهي ۽ اهي هاڻي امريڪا ۾ رهن ٿا.
پروفيسر ڊاڪٽر پرويز هودڀائي هن وقت اسلام آباد ۾ رهي ٿو.


لفظ پرويز هودڀائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.07.11  عيسوي

پاڪستان جو مشهور نيوڪليئر سائنسدان ۽ طبيعات جو ماهر پروفيسر ڊاڪٽر پرويز امير علي هودڀائي، ڪراچيءَ جي سنڌي اسماعيلي ڪٽنب جو فرد آهي. هن جو جنم 11 جولاءِ 1950ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بودلو سميجو
ڄام راهو
پدن شرما
راجا رنجيت سنگهه
راهوجو ذوالفقار
اويس قرنيِ حضرت
سيٺ نانڪرام
عشرت رحماني
خانبهادر خير محمد چانڊيو
خافي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون